پاڪستان دنيا جي نگاهن جو مرڪز: آمريڪا- ايران ڳالهيون اڄ کان اسلام آباد ۾ شروع: جي ڊي وينس ۽ عراقچي ۾ سڀاڻي ملاقات امڪان 

پاڪستان دنيا جي نگاهن جو مرڪز: آمريڪا- ايران ڳالهيون اڄ کان اسلام آباد ۾ شروع: جي ڊي وينس ۽ عراقچي ۾ سڀاڻي ملاقات امڪان
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا ايران جنگبندي کانپوءِ امن ڳالهين سبب پاڪستان دُنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، پاڪستان جي ميزباني ۾ ايران آمريڪا ڳالهيون اڄ ۽ سڀاڻي  اسلام آباد ۾ ٿينديون، ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگبندي کانپوءِ ڳالهين جو عمل اڄ کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ اڄ ٻنهي ملڪن جا وفد ملاقات ڪندا، ڳالهين لاءِ ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ويندي، سڀاڻي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۾ باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون، ڳالهين جي عمل ۾ آمريڪا طرفان اسٽيو وٽڪوف، جيراڊ ڪشنر ۽ ايران پاران اسپيڪر پارليامينٽ باقر قاليباف حصو وٺندا، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي۽ باقر قاليباف جي سربراهي ۾ وفد اڄ صبح اسلام آباد پهچندو جڏهن ته آمريڪي نائب صدر ڊي جي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيراڊڪشنر   اڄ رات پهچڻ جا امڪان  ظاهر ڪيا ويا آهن ٻئي طرف ڳالهين لاءِ اسلام آباد ۾ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منقعد ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، وزير دفاع خواجه آصف ۽ گهرو سيڪريٽري، اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد آمريڪا، ايران ڳالهين بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن اسلام آباد ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ جي عزم اظهار ڪندي چيو ته جنگ بندي ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي، امن جو هي موقعو ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. شرڪت ڪندڙن جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف کي ڳالهين واري هنڌ بابت پرڏيهي وزارت سميت اهم هنڌن بابت بريفنگ ڏني وئي، اهم مهمانن جي اچ وڃ ۽ انهن جي انتظامن بابت وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميان شهباز شريف ڳالهين واري هنڌ سميت ٻين جڳهن جو دورو به ڪيو. جنهن دوران گهرو وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزير اعظم مهمانن جي آمد ۽ انتظامن ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان فرانس، قطر، بحرين ۽ جرمن قيادت رابطا ڪيا، فرانس جي  صدر ايمانوئل ميڪرون  اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. جنگبندي ۽ ڌُرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ تي وزيراعظم کي واڌايون ڏنيون، وزيراعظم سفارتي ڪوششن جي حمايت تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري اڳرائي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، وزيراعظم سان جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز ٽيليفون ذريعي رابطو ڪري پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ٿي ۽ هن هفتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي شروعات ٿي. وزيراعظم چيو ته جنگبندي جاري رکڻ کي يقيني بڻائڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ڳالهين مان ڪامياب نتيجا حاصل ٿي سگهن. ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري تڪرار تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهين ذريعي سڄي علائقي ۾ امن بحال ٿي ويندو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. امير قطر وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان جي مخلصانه ۽ حقيقي ثالثي ڪوششن کي ساراهڻ تي عزت مآب امير جو شڪريو ادا ڪندي وزيراعظم قطر جي قيادت جي دانائي ۽ بصيرت جي واکاڻ ڪئي، جنهن سبب گذريل ڇهن هفتن دوران لڳاتار حملن جي باوجود مثالي صبر جو مظاهرو ڪيو ويو. هن قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ قطر جي امير کي يقين ڏياريو ته ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهندا. شهباز شريف بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ جنهن دوران شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن تي وزيراعظم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هن اڳڀرائي سان علائقي ۾ ڊگهي مدي واري امن جا امڪان روشن ٿيا آهن۔ وزيراعظم پاڪستان جي امن ڪوششن جي حمايت تي شاهه بحرين جو شڪريو ادا ڪيو