پاڪستان دنيا ۾ آءِ ايم ايف کان وڏوقرض وٺندڙ چوٿون ملڪ بڻجي ويندو

جُولاءِ 3, 2023

ڪراچي (م ڊ) آءِ ايم سان ڪيل معاهدي تحت ايندڙ 9 مهينن ۾ وڌيڪ 3 ارب ڊالر قرض جي وصولي کان پوءِ پاڪستان دنيا ۾ آءِ ايم ايف کان قرض وٺندڙ چوٿون ملڪ بڻجي ويندو

 آءِ ايم ايف جي انگن اکرن موجب 31 مارچ 2023ع تي پاڪستان آءِ ايم ايف کان سڀني کان وڌيڪ قرض وٺندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي هو پر 2 ڏينهن اڳ ٿيندڙ معاهدي تحت ايندڙ 9 مهينن ۾ وڌيڪ 3 ارب ڊالر وصول ڪرڻ کان پوءِ ان  فهرست ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويندو

آءِ ايم ايف کان قرض وٺندڙ وڏن ملڪن ۾ ارجنٽينا 46 ارب ڊالر جي قرضن سان پهرين، مصر 18 ارب ڊالر جي قرض سان ٻئين، يوڪرين 12.2 ارب ڊالر جي قرضن سان ٽئين، ايڪواڊور 8.2 ارب ڊالر قرض سان چوٿين ۽ پاڪستان 7.4 ارب ڊالر جي قرضن سان پنجين نمبر تي هو

هي به پڙهندا

 نئين پروگرام تحت 3 ارب ڊالر قرض وٺڻ بعد هاڻ پاڪستان 10.4 ارب ڊالر جي قرضن جي بار سان ايڪواڊور کي پوئتي ڇڏي آءِ ايم ايف جو چوٿون وڏو قرضدار ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي

 آءِ ايم ايف جي 31 مارچ 2023 جي انگن اکرن موجب عالمي اداري دنيا جي معشيت جي برابري رکندي ڪمزور معيشتن کي سهارو ڏيڻ لاءِ هينئر تائين 155 ارب ڊالر (115.2 ارب ايس ڊي آر) قرض جاري ڪيا آهن ۽ اءِ ايم ايف جا 93 ميمبر ملڪن مان 10 پهرين نمبر جي ملڪن ۾ خاص طور تي پاڪستان آءِ ايم ايف جي گڏيل 155 ارب ڊالر مان 7.17 سيڪڙو جو قرضدار آهي

 ايشيائي خطي ۾ آءِ ايم ايف کان قرض وٺندڙ سڀني  کان وڏي ملڪ جو اعزاز به پاڪستان جي حصي ۾ اچي سگهي ٿو. ايشيا جي ٻين ملڪن جنهن آءِ ايم ايف کان قرض کنيو جن ۾ سريلنڪا، نيپال، ازبڪستان، ڪرغيزري پبلڪ، آرمينيا(مغربي ايشيا) ۽ منگوليا، آءِ ايم کان قرض جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان تمام گهڻو پوئتي آهن

 آءِ ايم ايف جي ميمبر ملڪن مان صرف 19 ملڪ اهڙا آهن جن جا قرض هڪ ارب ڊالر يا ان کان وڌيڪ آهن.  آءِ ايم ايف کان قرض وٺندڙ ملڪن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي اچڻ ان ڳالهه جي گهر ڪري رهي آهي ته پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض جي منظوري تي خوشيون ملهائڻ بجاءِ پاڪستان کي قرضن جي ڄار مان ڪڍي پائيدار ترقي طرف گامزن ڪرڻ لاءِ مضبوط پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment