پاڪستان دنيا ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن وارو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو

آڪٽوبر 17, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ماضيءَ جي حڪومتن طرفان مسلسل دعوائن باوجود ملڪ ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جو تعداد 60 لک جي اضافي سان 2 ڪروڙ 80 لکن تائين پهچي ويو

 وزارت تعليم جي دستاويزن مطابق ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 80 لک ٻارڙا اسڪول ناهن ويندا، ڄاڻايل انگ اکر نگران وزير تعليم پنجاب جي نالي تي اماڻيل خط ۾ ظاهر ڪيا آهن

 گذريل اندازي مطابق اسڪول کان ٻاهر ٻارڙن جو تعداد 2 ڪروڙ 20 لک هو، ان کان اڳ 2021ع ۾ وفاقي ڪابينا طرفان ٻڌايو ويو هو ته اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جو تعداد هڪ ڪروڙ 87 لک آهي

 مطلب ته اُن وقت هر چئن مان هڪ ٻار اسڪول وڃڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم هو، جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جو سيڪڙو پوري دنيا کان وڌيڪ آهي

 وفاق طرفان سمورن صوبن کي ان حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ جو چيو ويو آهي، ملڪ ۾ مجموعي پيدوار جو فقط هڪ ڏهائي 7 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو آهي جنهن کي وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 4 سيڪڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي

Leave A Comment