پاڪستان سان ڇڪتاڻ بعد افغانستان جو ڀارت سان واپار

پاڪستان سان ڇڪتاڻ بعد افغانستان جو ڀارت سان واپار

نئين دهلي (م ڊ) افغانستان پاڪستان سان ڇڪتاڻ کان پوءِ ڀارت سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. افغانستان جو واپار وارو وزير الحاج نورالدين عزيزي ڀارت پهتو آهي جتي هو ڀارت جي واپار واري وزير ۽ ڀارت جي ناڻي واري وزير سان ملاقاتون ڪندو. افغان واپار واري وزارت موجب نورالدين عزيزي ڀارتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملندو. ملاقاتن جو مقصد افغان-ڀارت اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، واپاري لاڳاپن کي آسان بڻائڻ ۽ افغانستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. ٻئي طرف، ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال افغان واپار واري وزير سان ملاقات جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته دوري جو مکيه مقصد ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ آهي.