واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ)آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پاڪستان سرحد پار دهشتگردي روڪڻ لاءِ قدم کڻي
آمريڪي صدر ۽ ڀارتي وزيراعظم جي ملاقات بعد جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به دهشتگرد حملي لاءِ استعمال نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي
پڌرنامي ۾ ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن ۾ ملوث ماڻهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته آمريڪا ۽ ڀارت القاعده، داعش، لشڪر طيبه، جيش محمد ۽ حزب المجاهدين سميت سمورن دهشتگرد گروهن خلاف گڏجي ڪارروائي ڪندا