پاڪستان سميت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن صومالي لينڊ کي قبولڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان سميت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن صومالي لينڊ کي قبولڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سميت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل پاران 26 ڊسمبر 2025 تي صوماليا جي علائقي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔ پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي پڌرائي مطابق پاڪستان، اردن، مصر، الجزائر، ڪوموروس، جبوتي، گيمبيا، ايران، عراق، ڪويت، ليبيا، مالديپ، نائجيريا، عمان، فلسطين، قطر، سعودي عرب، صوماليا، سوڊان، ترڪي، يمن ۽ ٻين او آءِ سي ملڪن گڏيل موقف ۾ چيو آهي ته اسرائيل جو هي قدم آفريڪا جي هارن ۽ بحيره احمر جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ شديد خطرو آهي، هي بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضع ڀڃڪڙي آهي۔گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ گڏيل قومن جي بنيادي اصولن ۾ شامل آهي۔ صوماليا جي سرحدن يا ان جي ڪنهن به حصي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ناقابل قبول آهي، ۽ اهڙا قدم عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا۔ اسرائيل جي اهڙن قدمن جي سخت مذمت ڪندي فلسطيني عوام کي انهن جي سرزمين مان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي۔ گڏيل پڌرائي ۾ اسرائيل تي بين الاقوامي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي ۽ فلسطيني مسئلي بابت اصولي موقف برقرار رکڻ واري مقصد کي به ورجهايو ويو.