| پاڪستان سميت 8 ملڪن پاران مسجد اقصيٰ ۾ عبادت تي پابندي جي مذمت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سميت 8 اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان جاري ڪندي يروشلم ۾ عبادت جي آزادي تي پابندين جي سخت مذمت ڪئي آهي. گڏيل بيان ۾ پاڪستان، مصر، اردن، متحدہ عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي، سعودی عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن چيو ته مسلمانن ۽ عيسائين کي عبادت کان روڪڻ بين الاقوامي قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي. مسلمان نمازين کي مسجد اقصیٰ تائين رسائي کان روڪيو پيو وڃي، عيسائي اڳواڻن کي چرچ آف هولي سيپلڪر ۾ پام سنڊي جي عبادتن کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. هي قدم بين الاقوامي انساني قانون ۽ يروشلم جي تاريخي حيثيت جي خلاف آهن، مقدس هنڌن جي حرمت جو احترام ڪيو وڃي. عالمي برادري کان اپيل ڪئي وئي ته هو انهن قدمن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا ۽ سخت قدم کڻي.