پاڪستان سوڌو ڪيئي ملڪن لاءِ رليف: ٽرمپ پاران جوابي ٽيرف نه لڳائيندڙن لاءِ ٽيڪس 90 ڏينهن معطل: چين تي 125سيڪڙو ٽيرف مقرر
اپريل 10, 2025
واشنگٽن/بيجنگ/برسلز (م ڊ) آمريڪي صدر جوابي ٽيرف نه لڳائيندڙ ملڪن لاءِ ٽيرف 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو، چين لاءِ ٽيرف ۾ وڌيڪ اضافي جو به اعلان ڪيو. چين به آمريڪا لاءِ ٽيرف وڌائي ڇڏيو آهي. يورپي يونين پڻ آمريڪا لاءِ ٽيرف ۾ اضافو ڪيو عالمي ميڊيا رپورٽس موجب ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته چين تي لڳايل واپاري ٽيرف ۾ وڌيڪ اضافو ڪري 125 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون ۽ اهو فوري لاڳو هوندو، 90 ڏينهن دوران ٻين ملڪن لاءِ ٽيرف 10 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، ٽرمپ چيو ته گذريل هفتي لڳايل جوابي ٽيرف ۾ 90 ڏينهن جو وقفو ڪري رهيا آهيون ۽ اهو به فوري لاڳو هوندو، ٽرمپ چيو ته ڪجهه ملڪن ٽيرف تي ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي، انهن لاءِ ٽيرف ۾ 90 ڏينهن جو وقفو ڪري رهيا آهيون، ٽرمپ چيو ته چين کي احساس ٿي ويندو، ٻين ملڪن کي ختم ڪرڻ جا ڏينهن هليا ويا، واضح رهي ته چين، يورپي يونين سوڌو مختلف ملڪن جوابي ٽيرف لڳايو هو، پاڪستان سوڌو مختلف ملڪن لاءِ جوابي ٽيرف نه لڳائڻ تي آمريڪي ٽيرف 90 ڏينهن لاءِ معطل هوندو. پاڪستان کي به ٽيرف ۾ 90 ڏينهن جو رليف ملي ويو، هوڏانهن ٽرمپ جي اعلان جي بعد آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي، خام تيل جي قيمت ۾ 2 سيڪڙو اضافو، سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿي ويو، يورو ڪرنسي ۾ 0.4 جو اضافو ٿي ويو، عالمي گيس قيمت ۾ 8 سيڪڙو اضافو ٿي ويو، ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان 104 سيڪڙو ٽيرف جي جواب ۾ چين آمريڪي شين تي 84 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو، جيڪو پهريان اعلانيل 34 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، چين جي ناڻي واري وزارت طرفان اربع ڏينهن آمريڪي شين تي 84 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان شروع ڪيل عالمي تجارتي جنگ ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مختلف ملڪ ٽيرف تي اسان کي ڪالز ڪري رهيا آهن ۽ اهي ڊيل لاءِ مري رهيا آهن، هڪ تقريب ۾ آمريڪي صدر عجيب حرڪتون ڪندو رهيو، مختلف ملڪن لاءِ غيراخلاقي انداز اختيار ڪيو، ٽرمپ پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جي نقل ڪئي ۽ چيو ته اڪثر ماڻهو ڊيل ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيا آهن. ٻئي طرف يورپي يونين آمريڪي صدر پاران لڳايل ٽيرف خلاف قدم کڻندي 20 ارب يورو کان وڌيڪ ماليت جي آمريڪي شين تي جوابي ٽيرف جي منظوري ڏني، ٽيرف جي شرح 25 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي، ٽيرف 15 اپريل کان لاڳو هوندو. اهو ٽيرف آمريڪا پاران يورپي اسٽيل ۽ ايلومينيم تي لڳايل ڊيوٽين جي جواب ۾ لڳايو ويو.