پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 اڄ کان شروع: قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل: افتتاحي ميچ لاهور قلندر ۽ حيدرآباد ڪنگزمين ۾ ٿيندي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 اڄ کان شروع: قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل: افتتاحي ميچ لاهور قلندر ۽ حيدرآباد ڪنگزمين ۾ ٿيندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 اڄ کان شروع ٿيندو. قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل ٿي ويون.  افتتاحي ميچ لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين ۾ ٿيندي. تفصيل موجب پاڪستان جي ڪرڪيٽ ليگ پي ايس ايل سيزن 11 اڄ کان لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. ان کان اڳ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي لاهور ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل سيزن 11 جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي. تقريب ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگرن ۽ معززن کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. جڏهن ته تقريب ۾ عاطف اسلم جو پي ايس ايل لاءِ ڳايل گيت رليز ڪيو ويو، گاني جي ٿيم کيلين گي بيٽ پر ۾ ناليواري گلوڪارا آئمه بيگ. صابري سسٽرز ۽ دانيا ڪنول جو سريلو آواز به شامل آهي. واضح رهي ته پي ايس ايل جون سموريون ميچون لاهور ۽ ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون. جڏهن ته تماشائين کي اسٽيڊيمز اچڻ جي اجازت نه هوندي، پي ايس ايل لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.  پوليس ۽ رينجرز مقرر ٿيل آهي جڏهن ته پاڪ فوج کي به اسٽيڊ باءِ رکيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ اڄ کان 6 اپريل تائين لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ميچ کيڏيا ويندا، ٻيو مرحلو 8 اپريل کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندو، فائنل ميچ 3 مئي تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.