| پاڪستان سپر ليگ ۾ 2 نيون فرنچائز شامل: حيدرآباد 175 ڪروڙ ۾ وڪرو، سيالڪوٽ سخت مقابلي بعد 185 ڪروڙ ۾ نيلام |
اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شامل ٿي ويون.اسلام آباد ۾ ٿيل نيلامي واري تقريب دوران ايف ڪي ايس گروپ 175 ڪروڙ رپين ۾ حيدرآباد ۽ اوزي ڊيولپرز 185 ڪروڙ رپين ۾ سيالڪوٽ جي ٽيم خريد ڪئي.علي ترين طرفان نيلامي واري عمل کانپوءِ ٻولي ۾ 9 پارٽيون شامل ٿيون.پهريان ايف ڪي ايس گروپ پي ايس ايل جي ستين ٽيم 175 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي ۽ ٽيم لاءِ حيدرآباد جو نالو چونڊيو.ان موقعي تي حيدرآباد ٽيم جي مالڪ فواد سرور چيو ته ”آئون حيدرآباد ۾ ئي ڄائو ۽ وڏو ٿيو آهيان، اسان ڪنهن به قيمت تي ٽيم خريدڻ چاهيون پيا.“پي ايس ايل جي اٺين ٽيم لاءِ سخت مقابلو ٿيو، پر اوزي ڊيولپرز ٽيم 185 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتي، ٽيم تي سيالڪوٽ شهر جو نالو رکيو ويو آهي.پي ايس ايل جون ٻئي نيون ٽيمون گڏيل طور تي ٽي ارب سٺ ڪروڙ رپين ۾ وڪري ٿيون، حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جي شموليت کانپوءِ هاڻي ڪل ٽيمن جو انگ اٺ ٿي ويو آهي