| پاڪستان سچو ۽ کرو دوست، دوستي قيامت تائين هلندي: ترڪ صدر |
انقرا (م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پاڪستان اسان جو سچو ۽ کرو اتحادي ملڪ آهي ۽ اسان جي دوستي قيامت تائين جاري رهندي. بحري پليٽ فارمز جي خدمت ۾ شموليت بابت تقريب کي خطاب ڪندي رجب طيب اردوان چيو ته اڄ اسان مڪمل آزمائشن کانپوءِ پي اين ايس خيبر پاڪستان حوالي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان بحريا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ چار ملگيم جهاز ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو هو. هن چيو ته پهريون جهاز پي اين ايس بابر 24 مئي 2024 ۾ پاڪستان حوالي ڪيو ويو، ٽيون جهاز پي اين ايس بدر جون 2026 جي پڄاڻي تائين، جڏهن ته چوٿون جهاز پي اين ايس طارق 2027 جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ پاڪستان بحريا حوالي ڪيو ويندو، جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس اهي جهاز پاڪستان جي بحريا کي مضبوط بڻائيندا.