پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بي اعتمادي، سرحدي تڪرار ۽ سيڪيورٽي خدشا اڳ ئي موجود رهيا آهن، پر تازن ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي. خاص طور تي افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزير دفاع ملا يعقوب مجاهد جو اهو بيان ته، “جيڪڏهن ڪابل تي حملو ٿيو ته جواب ۾ اسلام آباد تي به حملو ٿيندو”، خطي جي حالتن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا بيان نه رڳو سفارتي، علائقائي ۽ سياسي تڪرار کي وڌائين ٿا، پر عوامي سطح تي به خدشن ۽ بيچيني کي جنم ڏين ٿا. افغانستان جي مقامي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ملا يعقوب مجاهد چيو ته, “افغانستان جنگ نٿو چاهي، پر جيڪڏهن پاڪستان جنگ کي ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻ چاهي ته افغانستان به ڊگهي عرصي تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغان قوم کي ڪنهن به قسم جو خوف ناهي”. اهڙي قسم جي سخت بيان بازي سفارتي روايتن جي ابتڙ سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تہ عام طور تي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر جڏهن سرڪاري عهديدار جنگي لهجي ۾ ڳالهائين ٿا ته ان سان تڪرار وڌيڪ تيز ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي وڃي ٿو.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازيون جھڙپون 26 فيبروري کان شروع ٿيون، جنهن کان پوءِ ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي تي حملن جا الزام لڳايا پيا وڃن. پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف زميني ۽ هوائي ڪارروايون جاري آهن ۽ ڪيترن ئي دهشتگرد ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي. پاڪستاني حڪومت موجب “آپريشن غضب للحق” نالي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا پنهنجا مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندي.
پاڪستان جي وزير اطلاعات عطا تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته هن آپريشن دوران سوين افغان طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون ۽ فوجي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن. پاڪستاني دعوائن موجب هوائي ڪارروايون افغانستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف افغان وزارت دفاع به پاڪستاني ڪاررواين جو سخت جواب ڏيڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته سندن فوجي قوتن پاڪستاني سرحدي چوڪين ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. افغان بيانن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پاڪستاني فورسز جي هيڊڪوارٽر تي هوائي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا يا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته انهن دعوائن جي به آزاد تصديق موجود ناهي.
اهو واضح آهي ته ٻنهي پاسن کان بيان بازي ۽ انگن اکرن جي جنگ جاري آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهڙين جھڙپن جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. گڏيل قومن جي افغانستان ۾ امدادي مشن (يوناما) جي رپورٽ موجب فيبروريءَ جي آخر کان مارچ جي شروعات تائين سرحدي جھڙپن ۽ هوائي حملن سبب ڪيترائي عام شهري مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ به ڪافي آهي، جيڪو صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو. يوناما جي رپورٽ موجب افغانستان جي برمل ضلعي ۾ هڪ هوائي حملي دوران ڪيترائي شهري مارجي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. اهڙيون رپورٽون عالمي برادري کي به پريشان ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ تہ جديد جنگين ۾ عام شهري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. گڏيل قومن ٻنهي ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته هو بين الاقوامي انساني قانون جي پاسداري ڪن ۽ شهرين جي جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائين. پاڪستاني حڪومت يوناما جي رپورٽ تي خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان ۾ گهڻو دارومدار افغان طالبان جي فراهم ڪيل معلومات تي رکيو ويو آهي. پاڪستان جي موقف مطابق فوجي ڪارروايون صرف انهن علائقن ۾ ڪيون وڃن ٿيون، جتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن، جڏهن ته عام آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون ڪارروايون اڻٽر آهن.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار جو هڪ اهم سبب ڊيورينڊ لائين آهي. اها سرحد برطانوي دؤر ۾ مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي پاڪستان بين الاقوامي سرحد سمجهي ٿو، جڏهن ته افغانستان جي ڪيترن ئي سياسي حلقن ان کي مڪمل طور قبول نه ڪيو آهي۔ سرحدي علائقن ۾ رهندڙ قبيلائي برادرين جا سماجي ۽ خانداني لاڳاپا ٻنهي پاسن سان ڳنڍيل آهن، جنهن ڪري سرحدي ڪنٽرول هميشه هڪ حساس مسئلو رهيو آهي. پاڪستان بار بار سفارتي سطح تي اها دانهن ڪندو رهيو آهي ۽ الزام لڳائيندو رهيو آهي ته افغانستان جي سرزمين تي پاڪستان مخالف هٿياربند گروهه سرگرم آهن، جيڪي پاڪستاني علائقن ۾ حملا ڪن ٿا. خاص طور تي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) بابت پاڪستان جو موقف آهي ته انهن جا ٺڪاڻا افغانستان ۾ موجود آهن. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته جيستائين افغانستان انهن گروهن خلاف واضح ڪارروائي نٿو ڪري، تيستائين سرحدي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ مشڪل آهي. افغان طالبان حڪومت ان الزام کي رد ڪندي چوي ٿي ته هو ڪنهن به ملڪ خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. افغان اختيارين جو موقف آهي ته پاڪستان کي پنهنجي اندروني سيڪيورٽي مسئلن جو ذميوار افغانستان کي قرار ڏيڻ بدران گڏيل تعاون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته موجوده صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ فوجي ٽڪراءُ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ناهي. افغانستان اڳ ئي ڏهاڪن جي جنگ کان پوءِ معاشي ۽ سياسي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان به اقتصادي مشڪلاتن ۽ سيڪيورٽي چيلينجن سان جهيڙي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ نئون جنگي محاذ کولڻ ٻنهي ملڪن جي استحڪام لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڪجهه ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته افغان طالبان بنيادي طور تي گوريلا جنگ جو تجربو رکن ٿا، تنهن ڪري هو روايتي جنگ بدران سرحدي حملن ۽ ڇاپا مار ڪارروائين ذريعي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهو طريقو سندن پراڻي حڪمت عملي جو حصو رهيو آهي، جنهن کي هو هاڻي به استعمال ڪري سگهن ٿا.
ٻئي طرف پاڪستاني عسڪري قيادت جو چوڻ آهي ته ملڪ پنهنجي سيڪيورٽي کي ڪنهن به صورت ۾ خطري ۾ نه ڇڏيندو. پاڪستاني سياسي قيادت به دعويٰ ڪري رهي آهي ته فوجي ڪاررواين جا گهڻا مقصد حاصل ڪيا ويا آهن ۽ باقي مقصد به جلد حاصل ٿي ويندا. ڪجهه بيانن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان چاهي ها ته فوجي قوت سان ڪابل تائين به پهچي سگهي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين ڳالهه ناهي، پر هر ڀيري آخرڪار ڳالهين ذريعي ئي صورتحال کي سنڀاليو ويو آهي.
عالمي برادري به هن تڪرار تي نظر رکي رهي آهي. ماضي ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي جھڙپون وڌيون هيون ته قطر، ترڪي ۽ سعودي عرب ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جنگ بندي ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. اميد ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن موجوده صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته وري به سفارتي ڪوششون شروع ٿي سگهن ٿيون. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي هڪ ٻئي جا ويجها پاڙيسري آهن ۽ جاگرافيائي، ثقافتي ۽ معاشي طور هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ تعاون نه رڳو سندن مفاد ۾ آهي، پر اھو سڄي خطي جي استحڪام لاءِ به ضروري آهي. جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌندي رهي ته ان جا اثر نه رڳو ٻنهي ملڪن تائين محدود رهندا، پر وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي امن تي به پئجي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جذباتي بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ سنجيده سفارتي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري. جنگ ڪنهن به مسئلي جو مستقل حل نه هوندي آهي، جڏهن ته ڳالهين، اعتماد ۽ تعاون سان ئي پائيدار امن جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن پاڪستان ۽ خاص طور تي افغانستان پنهنجي تاريخي تجربن مان سبق حاصل ڪري ۽ تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته نه رڳو سرحدي علائقن ۾ امن بحال ٿي سگهي ٿو، پر خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا نوان دروازا به کلي سگهن ٿا. امن، استحڪام ۽ باهمي احترام ئي ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو.