پاڪستان فٽبال ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ملي وئي

جُون 16, 2023

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي فٽبال ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، بين الصوبائي رابطن واري ڪميٽي فٽبال ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

پاڪستان فٽبال جي ٽيم 18 جون تي ماريشيس کان ڀارت ڏانهن رواني ٿي ويندي, رانديگرن ويزائون حاصل ڪرڻ جو عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان جي فٽبال ٽيم ساف چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندي ايونٽ 21 جون تائين جاري رهندو

ياد رهي ته پاڪستان جي فٽبال ٽيم هن وقت 4 ملڪي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ماريشيس ۾ موجود آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • جمشيد دستي جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جعلي قرار

  • ريلوي کاتي 11 ٽرينن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو