پاڪستان لاءِ خوشخبري: آءِ ايم ايف 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

جُولاءِ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي، هڪ ارب ڊالر جي قسط فوري طور جاري ڪئي ويندي

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي قرض جي پروگرام منظوري ڏئي ڇڏي آهي

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان سان اسٽينڊ باءِ معاهدي جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت 1.2 ارب ڊالر فوري طور تي جاري ڪيا ويندا

جڏهن ته 1.8 ارب ڊالر نومبر ۽ فيبروري ۾ ٻيهر جائزي بعد شيڊيول ڪيا ويندا، آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي شرطن تي پابندي سان عمل ڪرڻو پوندو

 ان کان اڳ چين پاڪستان کي 5 ارب سعودي 2 ارب ۽ يو اي اي 1 ارب ڊالر ڏئي چڪو آهي

Leave A Comment