اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ خوشخبري اچي وئي، چين ٻن سالن لاءِ 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي واپسي روڪي ڇڏي، ناڻي وزير اسحاق ڊار به تصديق ڪئي
ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چين پاڪستان لاءِ 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي واپسي ٻن سالن لاءِ روڪي ڇڏي آهي هاڻ اسانکي رڳو قرض تي وياج واري قسط ادا ڪرڻي پوندي
سندس چوڻ هو ته سمورن قرض معاهدن جي مدي ۾ 21 جولاءِ 2023 کان 30 جون 2025 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي انڪري پاڪستان مٿان قرض واپسي وارو اهو بار به ٻن سالن لاءِ لهي ويو آهي