پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر قرض، معاهدو ٿي ويو، سوا ارب ٻيا به ملندا، زرعي ٽيڪس پهرين جولاءِ کان اوڳاڙڻو پوندو: آءِ ايم ايف

مارچ 27, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي معيشت لاءِ مثبت خبر، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح جي معاهدي تي معاهدو ٿي ويو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون،  آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي ايندڙ قسط ڏيڻ تي راضي ٿي ويو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قرض جي معاهدي تي به اتفاق ٿي ويو، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري بعد پاڪستان کي موسمياتي تبديلي لاءِ 1.3 ارب ڊالر ملندا. توسيع ٿيل فنڊ سهولت قرض پروگرام تحت پاڪستان کي 1 ارب ڊالر ملندا. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ اي ايف ايف جي قسط گڏائي سان 2 ارب ڊالر ملندا. آءِ ايم ايف چيو آهي ته گذريل 18 مهينن ۾ پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، پاڪستاني معيشت عالمي اعتماد بحال ڪيو، پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي، گذريل 18 مهينن ۾ معاشي نظم و ضبط نظر آيو، اِن عرصي دوران پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ڏانهن بهتر ڪاڪردگي ڏيکاري آهي، عالمي سطح تي چئلينجز باوجود پاڪستان اعتماد بحال ڪيو. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 2015 جي گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ معاشي سرگرميون تيزيءَ سان فروغ حاصل ڪري رهيون آهن. قرض پروگرام تي عملدرآمد ڪندي پاڪستان کي پبلڪ ڊيٽ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف پنهنجي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سخت معاشي انتظامن سان مهانگائي جي شرح تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، قرض پروگرام تي عملدرآمد سان توانائي شعبي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. پاڪستان اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. پاڪستان جو بنيادي خسارو معيشت جي هڪ سيڪڙو سرپلس رهيو، پاڪستان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا هدف حاصل ڪيا، پاڪستان زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ سڌارا آندا، زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي وصولي کي پهرين جولاءِ 2025 کان يقيني بڻائڻو پوندو، سرڪاري خرچن ۾ شفافيت پاڪستان ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم نافظ ڪيو ويندو. اسٽيٽ بئنڪ کي مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مختصر مدت ۾ مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو تي محدود رکندي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان کي بجلي ۽ گيس جي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ بروقت ڪرڻو پوندو. توانائي سڌارن سان گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي، توانائي سڌارن سان ٽرانسميشن لاسز ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، پاڪستان مان توانائي جي ماحول دوست ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي اميد آهي، سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي، رياستي ڪارپوريشنز جا نقصان گهٽ ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي خودمختار دولت جي فنڊ ۾ بهتري لاءِ ضروري ترميمون ڪرڻيون پونديون، حڪومتي ادارن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي نقصانن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلي جي نقصان کي گهٽائڻ جي منصوبن تي ڪم ٿيڻ گهرجي،پاڻي جي بهتر وسيلن ۽ پاڻي جي بهتر استعمال لاءِ وصوليءَ جو طيقيڪار واضع ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي تعاون بهتر بڻائڻو پوندو، عوام جي صحت لاءِ ماحولياتي آلودگي گهٽائي وڃي. آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ چيو آهي ته قرض پروگرام تي عمل سان پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان کي سوشل سيڪيورٽي، تعليم ۽ صحت جي شعبن تي بجيٽ وڌائڻ گهرجي، نئون قرض پروگرام موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گھٽائڻ ۾ مدد ڪندو، لچڪدار ۽ پائيدار سهولتن وارو قرض پروگرام قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي بجيٽ ايلوڪيشن وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي پاڻي جي استعمال کي موثر ۽ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائيميٽ انفارميشن آرڪيٽيڪچر جو نظام بهتر بڻائڻو پوندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي دوري ۾ بهترين تعاون کي ساراهي ٿو، پاڪستان آءِ ايم ايف ٽيم جي بهترين ميزباني ڪئي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ايم ايف مشن جي مشاورت شاندار رهي. ٻئي طرف ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويو آهي آءِ ايم ايف معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پاڪستان کي موجوده قرض پروگرام جي هڪ ارب ڊالرن جي قسط ملڻي آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلي لاءِ 1.3 بلين ڊالرز جي فنڊنگ تي به معاهدو ٿي ويو آهي. موجوده قرض پروگرام لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري آءِ ايم ايف بورڊ کان ملندي. پاڪستان معاشي سڌارن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ناڻي وزارت موجب پاڪستان ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان بروقت توانائي سڌارا ۽ تبديليون ڪيون آهن، پاڪستان توانائي جي ماحول دوست ذريعن کي فروغ ڏيندو، حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي ويندي،  پاڪستان معاشي استحڪام لاءِ پرعزم رهندو.

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مخالف مني بجيٽ جي واويلا ڪندا رهجي ويا، حڪومت مني بجيٽ کانسواءِ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدو ڪرائي ورتو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو  ته عام ماڻهن جي قرباني کانسواءِ معاهدو ممڪن نه هو، آرمي چيف جو به معاهدي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، آءِ ايم ايف ٽئڪس اوڳاڙين جو هدف گهٽائڻ جي آڇ ڪئي هئي، پاڪستان آڇ قبول نه ڪئي ۽ ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف 12 هزار 300 ارب روپيا طئه ٿيو، آءِ ايم ايف قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي مڃيو آهي.

Leave A Comment