پاڪستان مئي واري جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، چين پنهنجا هٿيار ٽيسٽ ڪيا: آمريڪي ادارو

  پاڪستان مئي واري جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، چين پنهنجا هٿيار ٽيسٽ ڪيا: آمريڪي ادارو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال مئي ۾ ڀارت کي جنگ ۾ هارايو، ڀارت تي فوجي برتري حاصل ڪئي چين وري پاڪستان وسيلي پنهنجي دفاعي نظام کي آزمايو. رپورٽ موجب چين 2024 ۽ 2025 ۾ پاڪستان سان عسڪري سهڪار وڌايو، ڀارت سان جهڙپن دوران پاڪستان جي چيني هٿيارن سان ڪارڪردگي بهتر رهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو چيني هٿيارن جي مدد سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چيني هٿيارن جي وڪري لاءِ اثرائتو دليل بڻجي ويو آهي. آمريڪا-چين اقتصادي ۽ سيڪيورٽي جائزه ڪميشن ڪانگريس کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ مئي جي تڪرار کي چين لاءِ پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي جانچڻ ۽ هٿي وٺرائڻ جو موقعو قرار ڏنو. پاڪستان جي فوج چيني هٿيارن تي ڀروسو ڪيو ۽ مبينا طور تي چيني انٽيليجنس مان فائدو حاصل ڪيو. رپورٽ موجب هندستان دعويٰ ڪئي هئي ته چين جنگ دوران پاڪستان کي هندستاني فوجي پوزيشنن بابت سڌي طرح معلومات فراهم ڪئي، پر ان جي پاڪستان ترديد ڪئي پر چين نه ته تصديق ڪئي ۽ نه ئي انڪار ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ تڪرار کي ‘پراڪسي جنگ’ سڏڻ چين جي ڪردار کي وڌائي پيش ڪرڻ جي برابر آهي پر چين پنهنجي هٿيارن کي هن جنگ ۾ ٽيسٽ ڪيو ۽ ان جي عالمي مارڪيٽ ۾ مشهوري ڪئي. رپورٽ موجب پاڪستان جي سڀ کان وڏي هٿيار سپلائر جي حيثيت سان چين 2019 کان 2023 تائين پاڪستان دفاعي سامان جو 80 سيڪڙو چين کان حاصل ڪيو. پاڪ ڀارت جنگ ۾ پهريون ڀيرو چين جو جديد فوجي نظام، جنهن ۾ HQ-9 هوائي دفاعي نظام، PL-15 هوا کان هوا ۾ مارڪندڙ ميزائل ۽ J-10 جنگي جهاز شامل آهن، جنگ ۾ استعمال ڪيا ويا رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جنگ کانپوءِ جون ۾ چين پاڪستان کي 40 ففٿ جنريشن جا J-35 جنگي جهاز، KJ-500 جهاز ۽ بيلسٽڪ ميزائل دفاعي نظام وڪڻڻ جي آڇ ڪئي. پاڪستان پنهنجي 2025-26 دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، مجموعي بجيٽ ۾ گهٽتائي جي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالر تائين پهچي ويا. تڪرار کان پوءِ چيني سفارتخانن هندستان- پاڪستان تڪرار ۾ پنهنجي هٿيارن جي ڪاميابين جو اعلان ڪيو، جنهن جو مقصد هٿيارن جي وڪرو وڌائڻ هو. رپورٽ ۾ فرانسيسي انٽيليجنس الزامن جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي ته چين فرانسيسي رافيل جيٽ جي وڪري کي روڪڻ ۽ پنهنجي J-35 جي مشهوري لاءِ هڪ غلط معلومات جي مهم شروع ڪئي ۽ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس استعمال ڪندي مصنوعي ذهانت ۽ وڊيو گيم جون تصويرون پيش ڪيون جن کي چيني هٿيارن سان تباهه ٿيل هندستاني جهازن جو ملبو ڪري پيش ڪيو ويو.