| پاڪستان مان آزاد ٿيل 5 ايراني ماهيگير مشهد پهچي ويا |
مشهد (م ڊ) پاڪستان مان آزادي ماڻيندڙ 5 ايراني ماهيگير مشهد پهچي ويا، اهي ماهيگير 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستاني جيل ۾ قيد هئا. ايراني ميڊيا موجب ڪراچي ۾ ايراني سفارتي مشن ماهيگيرن کي سفري دستاويز جاري ڪيا. ايراني ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايراني سفارتي مشن پاران سفري دستاويز جاري ٿيڻ کانپوءِ انهن ماهيگيرن کي ڪراچي ائيرپورٽ منتقل ڪيو ويو، جتان هو مشهد پهتا.