| پاڪستان مان 3 سالن دوران 100 ارب ڊالر پرڏيهه ويا: واپاري 10ارب واپس آڻين:نقوي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته گذريل ٽن چئن سالن دوران 100 ارب ڊالر پاڪستان کان ٻاهر ويا آهن. واپارين کي درخواست آهي ته اهي انهي رقم جو صرف 30 سيڪڙو ئي واپس کڻي اچن جيڪڏهن واپاري اڄ فيصلو ڪن ته بجيٽ کان اڳ 10 ارب ڊالر اچي سگهن ٿا.ڪالهه هتي فيڊريشن هائوس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته “روشن اڪائونٽ” موجود آهن، بجيٽ کان اڳ پنهنجي رقم واپس کڻي اچو. پاڪستان جيڪو منافعو ڏئي ٿو، اهو دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو. توهان کي هتي ڪاروباري ماحول ملندو، واپارين جي الڳ پاسپورٽ بابت تجويزون جلد وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. اسان کي پنهنجي ملڪ کي سنواري موقعن مان فائدو وٺڻو آهي.محسن نقوي چيو ته ايف آئي اي (FIA) جي معاملن کي بزنس فرينڊلي بڻائينداسين. هڪ يا ٻه سيڪڙو ماڻهن جي ڪري پوري بزنس ڪيونٽي کي سزا نٿا ڏئي سگهون. “فيلڊ مارشل جيڪا ڳالهه ڪندو آهي يا زبان ڏيندو آهي، ان کي پورو ڪندو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته توهان جا ئي انگ اکر آهن ته گذريل ڪجهه سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر ويا آهن. پئسو ٻاهر ڪيئن ويو؟ ان تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان پر جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته پتو نٿو لڳائي سگهجي ته ڪراچي ۾ صرف هڪ ٻن ماڻهن کي کڻڻ جي دير آهي، سڀ ڪجهه پتو پئجي ويندو.گهرو وزير چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته دبئي يا ٻاهر پيل سڄي رقم واپس کڻي اچو، پر روشن اڪائونٽ جي ذريعي گهٽ ۾ گهٽ 20 يا 30 سيڪڙو پئسو واپس آڻيو، جيڪو 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ بڻجي ويندو.هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن لاءِ ماحول بهتر ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ هڪ الڳ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪو مڪمل تصديق کانپوءِ ڏنو ويندو. اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ کي 99 تان کڻي 50 تي آڻيون. جينيئن (اصلي) واپارين کي ويزا جا مسئلا پيش اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو غلط طريقي سان ويزا وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن جو نقصان سڀني کي ٿئي ٿو. مخصوص پاسپورٽ هجڻ سان پرڏيهي سفارتخانن کي خبر هوندي ته اهي ڪاروباري ماڻهو آهن.محسن نقوي انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ 6 کان 7 وڏن گروپن جون غير قانوني ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، جن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مني چينجرز صرف پئسا ٻاهر موڪلڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن، ڪو به سياح انهن وٽ نٿو وڃي. اسان ناڻي واري وزير سان به گڏجاڻي ڪئي آهي ته مني چينجرز جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن ۽ اسان اهو ڪم بئنڪن ذريعي ڇو نٿا ڪري سگهون؟ گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ وڏن هوٽلن جي ضرورت آهي، واپاري اتي سيڙپڪاري ڪن. اسان مارگله جي ويجهو هڪ نئون شهر بڻائي رهيا آهيون جيڪو شنگهائي ۽ مين هٽن جو ميلاپ هوندو. هن سي ڊي اي (CDA) بابت سخت جملا استعمال ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان سي ڊي اي کي ٺيڪ نه ڪري سگهياسين ته اسان ناڪام آهيون. بلوچستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اتي “اسٽولا آئي لينڊ” (Astola Island) اهڙو آهي جو جيڪڏهن توهان اهو ڏسندا ته مالديپ کي وساري ويهندا. جيڪڏهن اتي ريزورٽس بڻجي وڃن ته ڪو به مالديپ نه ويندو. آئون اڄ بلوچستان ويندس ۽ وڏي وزير کي ان حوالي سان روڊ شو ڪرڻ جي گذارش ڪندس.