| پاڪستان مڃيل ايٽمي طاقت آهي، جاگرافي مان مٽائڻ جون ڀارتي ڌمڪيون ذهني ڏيوالپڻو آهن، نتيجا ڀارت لاءِ به تباهي آڻيندا: پاڪ فوج |
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج چيو آهي ته پاڪستان مڃيل ايٽمي طاقت آهي،جاگرافي مان مٽائڻ جون ڀارتي ڌمڪيون ذهني ڏيوالپڻو آهن، نتيجا ڀارت لاءِ به تباهي آڻيندا. آءِ ايس پي آر ڀارتي آرمي چيف جنرل اوپيندرا دويويدي جي چڙ ڏياريندڙ بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان اڳي ئي عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ مڃيل ايٽمي طاقت آهي. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، ڀارتي آرمي چيف پنهنجي تازي انٽرويو ۾ اشتعال انگيز بيان ڏيندي چيو هو ته پاڪستان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو جاگرافي ۽ تاريخ جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو يا نه. ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي آءِ ايس پي آر چيو ته هندوتوا سوچ جي ابتڙ پاڪستان عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ مڃيل ايٽمي طاقت آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو هڪ اڻٽٽ حصو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو اشتعال انگيز بيان ظاهر ڪري ٿو ته ڀارتي قيادت پاڪستان جي وجود جي تصور کي قبول ناهي ڪري سگهي، نڪي ڀارتي قيادت 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود صحيح سبق سکي سگهي آهي. هيءَ مغرور، جنگجو ۽ تنگ نظر ذهنيت بار بار ڏکڻ ايشيا کي جنگين ۽ بحرانن ڏانهن ڌڪيندي رهي آهي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي موجب، هڪ خودمختيار ايٽمي پاڙيسري ملڪ کي ”جاگرافي“ تان مٽائڻ جي ڌمڪي نه ڪو اسٽريٽجڪ اشارو آهي، نه سفارتي دٻاءُ، اهڙي ڌمڪي ذهني ڏيوالي، جنون ۽ جنگ پسندي جي عڪاس آهي. ذميوار ايٽمي رياستون صبر ۽ اسٽريٽجڪ سنجيدگي جو مظاهرو ڪنديون آهن، ذميوار ايٽمي رياستون تهذيبي برتري جي ٻولي استعمال نه ڪنديون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت جو رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو رڪارڊ موجود آهي، ڀارت علائقائي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ سرحد پار ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ملوث رهيو آهي، ڀارت جو سڄي دنيا ۾ گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ جو رڪارڊ تاريخي طور تي موجود آهي. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي موجب، نئين دهلي جو جارحاڻو رويو ان مايوسي جو نتيجو آهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪامي تي پيدا ٿي، ”معرڪۂ حق“ دوران ڀارت جي مايوسي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ٿي، ڀارتي قيادت ڏکڻ ايشيا کي هڪ ٻئي بحران يا جنگ ڏانهن ڌڪڻ کان پاسو ڪري. تعلقات عامه جي شعبي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جا نتيجا صرف جاگرافيائي حدن تائين محدود نه هوندا، ان جا نتيجا ڀارت لاءِ اسٽريٽجڪ ۽ سياسي طور تي به قابلِ قبول نه هوندا، ان جا نتيجا نه رڳو سڄي خطي پر ان کان ٻاهر به تباهه ڪندڙ هوندا، ڀارت کي پاڪستان جي اهميت کي تسليم ڪندي پرامن ۽ گڏجي رهڻ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.