پاڪستان نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: سول ۽ فوجي قيادت

پاڪستان نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: سول ۽ فوجي قيادت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سول ۽ عسڪري قيادت چيو آهي ته پاڪستان نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. تفصيل موجب صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾اهم مشاورتي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير، پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وزير محمد اورنگزيب. گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس ۾ خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال، ڪفايت شعاري مهم. عالمي سطح تي تيل ۽ گئس اگهن، سپلاءِ ۾ لاهن چاڙهن ۽ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ناڻي ۽ پيٽروليم وزيرن اگهه مستحڪم رکڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ معاشي انتظام، غذائي تحفظ، توانائي جي رٿابندي۽ سيڪيورٽي معاملا مضبوط رکڻ تي اتفاق ڪندي ڪفايت شعاري بابت عوامي آگاهي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي استعمال ۽ شيئر رائيڊ سسٽم تي به زور ڀريو ويو. ذريعن موجب وزيراعظم آمريڪا- ايران ڳالهين لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حاضر آهيون، پاڪستان نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر سڄي دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي