لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم کي پهريون ڀيرو فيفا سيريز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) موجب فيفا پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم کي فيفا سيريز ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيريز ۾ شموليت پاڪستان ۾ وومينز فٽبال جي وڌندڙ ترقيءَ جو اعتراف آهي، پاڪستان ٽيم لاءِ هي نئين دور جي شروعات آهي، جنهن ذريعي رانديگرياڻين کي عالمي سطح تي کيڏڻ جو موقعو ملندو. واضح رهي ته فيفا سيريز ايندڙ سال مارچ ۽ اپريل ۾ کيڏي ويندي، ۽ فيفا وومينز سيريز جي شروعات برازيل، آئيوري ڪوسٽ ۽ ٿائيلينڊ ۾ ٿيندي. فيفا سيريز جي سمورن گروپن جو اعلان 2026ع جي شروعات ۾ ڪيو ويندو.