نيويارڪ(پنهنجي ڊيسڪ)پاڪستان ٽئڪس آمدني وڌائيندو، ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ پٽاندڙ ڪيو ويندو، مالياتي نظم جو ضبط کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌرا آندا ويندا، آءِ ايم ايف معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاليسين تي سختي سان عمل لازمي قرار ڏئي ڇڏيو
قرض معاهدي بابت جاري ٿيل پڌرائي ۾ آءِ ايم ايف چيو آهي ته معاهدي بعد پاڪستان کي مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندي، پاڪستان تي پرڏيهي ادائگين جو دٻاءُ گهٽجي ويندو
پڌرائي ۾ چيو ويو ته سماجي شعبي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، ٽئڪس آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقي لاءِ فنڊنگ وڌي سگهندي، اسٽيٽ بئنڪ ڊالرز جو مارڪيٽ ريٽ مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي
آءِ ايم ايف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته معاهدو پاڪستان ۾ مالي نضم جو ضبط جو سبب بڻجندو، پُراڻو پروگرام ختم ٿيڻ بعد نئون پروگرام شروع ڪيو ويندو، جولاءِ جي وچ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ معاهدي جي حتمي منظوري ڏيندو