پاڪستان پاران يو اي اي کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان پاران يو اي اي کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان متحده عرب امارات کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب پاڪستان 2 ارب ڊالر هن مهيني جي آخر ۾ ابوظهبي کي واپس ڪندو، اها رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ سيف ڊپازٽ طور موجود هئي، پاڪستان ان رقم تي 6 سيڪڙو وياج ادا ڪري رهيو هو، ان کان اڳ يو اي اي ان رقم کي سالياني بنيادن تي رول اوور ڪري رهيو هو، ڊسمبر 2025ع ۾ اها رقم هڪ مهين يلاءِ ۽ پوءِ ٻن مهينن لاءِ رول اوور ڪئي، موجوده عالمي صورتحال سبب يو اي اي رقم فوري واپسي جو مطالبو ڪيو.