پاڪستان پاران ڀارت کي پهلگام واقعي تي اڻڌري جاچ ۾ شموليت جي آڇ: فوج تيار آهي، پوري طاقت سان جواب ڏينداسين: وزيراعظم/آرمي چيف

اپريل 27, 2025

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان ڀارت کي پهلگام واقعي جي اڻُڌري جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف چيو آهي ته وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڌمڪيون قبول ناهن، فوج تيار آهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڻي روڪيو ويو ته پوري طاقت سان جواب ڏينداسين. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم ۽ آرمي چيف شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پهلگام واقعي تي غيرجانبداراڻي عالمي جاچ لاءِ تيار آهيون، پاڻي روڪيو ويو ته پوري طاقت سان جواب ڏينداسين، پاڻي اسان جي لائف لائن آهي، ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، هن چيو ته امن اسان جي خواهش آهي، ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، زيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن اسٽيٽ آهي، ڀارت پهلگام واقعي بعد بي بنياد الزام لڳايا، پاڪستان هڪ ذميوار رياست هئڻ جي ناطي غيرجانبداراڻي عالمي جاچ لاءِ تيار آهي، ڌمڪيون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فوج پيشيوراڻي صلاحيت سان دُنيا ۾ نالو رکي ٿي، هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر پٽاندڙ پنهنجي ذميواري پوري ڪندو آهي، ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، ڪشميري عوام کي حق خوداراديت جو حق ڏيڻو پوندو، ان  موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي روايتي پروپيگنڊا سان تاريخ مسخ نه ٿو ڪري سگهي، آرمي چيف چيو ته مسلمان زندگي جي سمورن رخن ۾ هندن کان مختلف آهن، اسان جو مذهب، رسم، رواج، روايتون، سوچ ۽ عزم هندن کان مختلف آهي، هن چيو ته قومي نظريي جو بنياد اهو هو ته مسلمان ۽ هندو ٻه قومون آهن، اسان جي وڏڙن پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، وطن لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، ٻه قومي نظريو هميشه کان پاڪستان جي وجود جو بنياد رهيو آهي، مسلمان ۽ هندن جو مذهب، تهذيب، زبان ۽ ثقافت مختلف آهي.

لاهور (م ڊ) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پهلگام واقعي جي شفاف جاچ لاءِ پاڪستان تعاون ڪندو، اسان ان ڊرامي کي وائکو ڪرڻ چاهيون ٿا. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي واقعن ۾ “را” ملوث آهي. پاڪستان پرامن ملڪ آهي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا. هوڏانهن بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان پاران آڇ آهي ته پهلگام واقعي جي جاچ ڪرايو، جاچ ۾ يورپي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪ جا ماڻهو شامل ڪريو، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آڇ ڪئي آهي، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، عالمي جاچ ڪرائي وڃي، سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي ان جي حل لاءِ دعوت ڏئي سگهجي ٿي، هن چيو ته ڀارتي سرڪار الزام هنيا آهن هيل تائين ڪو ثبوت ناهي ڏنو، خواجه آصف چيو ته اسان ڪنهن به اڳرائي لاءِ تيار آهيون، سئو نه پر ٻه سئو سيڪڙو تيار آهيون، پنهنجي ملڪ جي ذري ذري جو دفاع ڪنداسين، ان لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون.

Leave A Comment