| پاڪستان پهريون ڀيرو “مس ورلڊ” مقابلي ۾ حصو وٺندو |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان حسن جي عالمي مقابلي “مس ورلڊ” ۾ پهريون ڀيرو باضابطا طور تي شرڪت ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي 24 سالن جي مس پاڪستان انيقه جمال اقبال ڪندي، انيقه جمال اقبال اڪائونٽنگ اينڊ آڊٽ ۾ ماسٽرز جي شاگردياڻي آهي، هو حسن جي مختلف بين الاقوامي مقابلن مس ارٿ، مس گلوبل، مس ڪاسموز، مس ايڪو انٽرنيشنل ۽ مس اورا انٽرنيشنل ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. جڏهن ته هن ڪوسوو ۾ ٿيل “فريڊم آف دي ورلڊ” مقابلي ۾ چار اعزاز پنهنجي نالي ڪري پاڻ مڃرايو .انيقه سماجي خدمتن جي ميدان ۾ پڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن مس ورلڊ جي مشهور پروگرام “بيوٽي ود اي پرپز” تحت پاڪستان ۾ ٿيليسيميا جي مريضن جي مدد کي پنهنجي سماجي مهم جو موضوع بڻايو آهي.