| پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن نئون مارجن رد ڪري ڇڏيو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت طرفان پيٽرول ڊيلرز لاءِ مقرر ڪيل نئون مارجن قبول ناهي. هن واضح ڪيو ته موجوده 8 رپيا 64 پئسا مارجن صرف 3.12 سيڪڙو آهي، جيڪو ڊيلرز لاءِ ناڪافي آهي. عبدالسميع خان چيو ته اسان کي 8 سيڪڙو منافعي جو مارجن ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر حڪومت رڳو 66 پئسا واڌ ڪري ڏني آهي، جيڪا قبول نه آهي. هن چيو ته “اسان حڪومت جي مارجن کي رد ڪريون ٿا ۽ موجوده شرطن تي ڪم نٿا ڪري سگهون. ايسوسيئيشن چيئرمين وڌيڪ چيو ته 10 ڏينهن اندر ملڪ جي سڀني ڊيلرز سان صلاح مشوري بعد ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن ۾ هڙتال سميت سڀ آپشن موجود آهن. ان موقعي تي طارق حسن چيو ته پيٽرول پمپس جي ڊجيٽلائيزيشن جو مقصد اسمگلنگ کي روڪڻ آهي ۽ ايسوسيئيشن ان عمل جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. گڏوگڏ ملڪ خدا بخش دعويٰ ڪئي ته اڃا به 40 سيڪڙو اسمگل ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل ملڪ ۾ اچي رهيو آهي.پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن حڪومت کان لکت ۾ تاريخ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته مارجن ڪڏهن تائين وڌايو ويندو، ٻي صورت ۾ سخت قدم کنيا ويندا.