| پاڪستان ڀارت تي واضح برتري حاصل ڪري ورتي: اڪنامڪ سروي |
اسلام آباد (م ڊ) گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي جي تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ڀارت تي واضح برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان 2026 جي شروعات تي اقتصادي ۽ امن جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پاڪستان ڀارت ۽ عالمي سراسري معاشي ترقي کان اڳيان رهيو آهي، گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي 60 ملڪن ۾ ڪيو ويو. سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امن جي حوالي سان به پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. 52 سيڪڙو پاڪستانين کي اميد آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو. امن جي حوالي سان ڀارت ۾ اها شرح صرف 26 سيڪڙو آهي، اها سطح پاڪستان ۾ 1994 کان پوءِ رڪارڊ ڪيل اميدن مان هڪ بلند ترين سطح آهي.