پاڪستان ڀارت کان سيما حيدر تائين قونصلر رسائي گهري ورتي، جواب جو انتظار
جُولاءِ 13, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سيما حيدر جي ڀارت ۾ موجودگيءَ تي پاڪستان ڀارت کان جواب گهري ورتو آهي
پب جي تي ڀارتي نوجوان سان دوستيءَ بعد 4 ٻارن سان گڏجي ڀارت پهتل سنڌ واسڻ سيما جي معاملي تي پرڏيهي آفيس جو بيان سامهون اچي ويو
پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان سيما تائين قونصلر رسائي گهري آهي، ڀارت کان سيما رند جي خيريت معلوم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي
هن چيو ته سيما جي سرحد پار موجودگيءَ تي ڀارت جي جواب جو انتطار آهي، سيما رند 4 ٻارن جي ماءُ آهي ۽ پب جي تي ڀارتي نوجوان سچن سان دوستي بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي کان نيپال پهتي ۽ نيپال ذريعي ڀارت هلي وئي هئي
هن چيو ته سيما نئين دهلي کان 90 ڪلوميٽر پري ربو پورا ڳوٺ ۾ پنهنجي 4 ٻارن سوڌو سچن سان گڏ رهائش پذير آهي
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس سيما ۽ سچن کي گرفتار ڪيو هو بعد ۾ کين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ڀارت جي جواب جو انتظار آهي