پاڪستان ڏکڻ ايشيا مان آئوٽ، ۽ ميناپ ۾ شامل- فائدو ٿيندو يا نقصان؟ … مير حسن راڄڙ

                 دنيا ۾ تمام وڏي تيزيءَ سان تبديليون اچي رھيون آھن. مون جھڙن ماڻھن کي ايئن محسوس ٿي رھيو آھي تہ سڀ ڪجھ شايد اسانجي ھن ئي دور ۾ ٿي رھيو آھي. ھڪ طرف اي آءِ جو انقلاب ته ٻئي طرف نيون ٿيندڙ جنگيون، گھڻو ڪجھ تبديل ڪري رھيون آھن. ڪجھ مھينا اڳ تائين ڪنھن سوچيو به نه ھو ته دبئي جي ترقيءَ جو مثال “ڪاغذ جي ڪشتي” جھڙو آھي، ۽ نئين دؤر ۾ ڪراچي دبئي کان بہ وڌيڪ ترقي يافتہ بڻجي سگھي ٿو. حقيقت ھيءَ آھي تہ ڌرتيءَ جي ھن گولي تي موجود ملڪن کي رڳو مئپ (Map) طور نہ، پر انهن جي معيشت، مسئلن ۽ ترقي جي ضرورتن مطابق به وقت سان گڏوگڏ مختلف فارمن، پلاننگس يا عالمي ضرورتن موجب ورهايو وڃي ٿو. ان جا سبب عالمي سياست سان لاڳاپيل موجوده ۽ ايندڙ وقتن جون پلاننگس ۽ اسٽرڪچرل توانائي واريون پاليسيون به آهن. هي سمورو ڪم عالمي ٿنڪ ٽينڪس ڪندا آهن، جن جو تعلق دنيا جي انتهائي طاقتور ريجنز سان هوندو آهي.

                 ھيءَ ڳالھ به تمام اهم آهي ته گذريل سال پاڪستان پنهنجي کٽيل جنگ کانپوءِ دنيا جو هڪ اهم ۽ عسڪري طاقتور فارم طور ڏٺو ۽ مڃيو وڃي ٿو. پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ وڏي رازداريءَ سان پنهنجو پاڻ کي عسڪري طور تمام گھڻو مضبوط ۽ طاقتور بڻائي ڇڏيو آهي. اُن حوالي سان تازو ئي ھڪ اھم تبديلي عالمي بئنڪ (World Bank) پاران ڪئي وئي، جڏهن پاڪستان کي روايتي ڏکڻ ايشيا (South Asia) مان ڪڍي وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان مطلب ته ميناپ (MENAAP) ۾ شامل ڪيو ويو. جيڪا ھڪ تمام وڏي تبديلي آھي، ۽ اسان سڀني کي ان جي اھميت کي سمجھڻو پوندو. ھيءَ تبديلي صرف نالي جي ناھي، پر پاڪستان جي مستقبل، پاليسين ۽ عالمي حيثيت سان گهرو تعلق رکي ٿي، ۽ ان جا مختلف سبب آهن. پاڪستان کي مڊل ايسٽ ۾ رکڻ جو وڏو ڪارڻ هڪ ته معاشي حالتن جي مشابهت آھي. پاڪستان جي معيشت گهڻو ڪري انهن ملڪن جهڙي آهي، جيڪي مڊل ايسٽ ۾ آهن. مثال طور توانائي لاءِ ٻاهرين ملڪن تي ڀاڙڻ، قرضن ۽ مالي امداد تي انحصار، بيروزگاري ۽ وڌندڙ آبادي- اهي مسئلا مڊل ايسٽ جي ڪيترن ملڪن ۾ به ڏٺا وڃن ٿا، تنهنڪري عالمي بئنڪ سمجهيو ته پاڪستان کي انهن ملڪن سان گڏ رکڻ وڌيڪ مناسب آهي- ٻيو ته خليجي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا به ان جو سبب بڻيا. پاڪستان جا معاشي ۽ انساني لاڳاپا گهڻو ڪري خليجي ملڪن سان آهن، جن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر شامل آھن. اُردن، بحرين، ۽ ڪويت سان به پاڪستان جا تمام سٺا لاڳاپا آھن. مجموعي طور تي وچ اوڀر جي انھن ملڪن ۾ لکين پاڪستاني ڪم ڪن ٿا، جن ۾ آفيسر به شامل آھن، ته عام ليبر پڻ شامل آھي، جيڪي پنھنجي ملڪ ڏانھن تمام وڏو پرڏيھي ناڻو (Remittance) موڪلين ٿا. اھو سڀ ملڪ جي معيشت لاءِ تمام گھڻو اھم آھي، پر اصل ڳالھ موجوده آمريڪا، اسرائيل، ۽ ايران جي جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي آھي، جيڪو سڄي يورپ، روس ۽ چين کان بہ اثرائتو نظر اچي ٿو. پاڪستان لاءِ فائدا، جيڪي هن ريجن م وڏي بهتري طور ايندا، انھن ۾ خاص طور تي نون مارڪيٽن تائين رسائي شامل آھي. مڊل ايسٽ سان ويجهڙائي وڌڻ سان واپار وڌندو، ۽ وڏي وسيع مارڪيٽ ۾ متعارف ٿينداسون- آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام يا ٽيڪنالاجي شعبي ۾ موقعا وڌندا، ۽ وڌيڪ فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري ٿيندي. ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان وڌيڪ مالي مدد ٿيندي، جنهن ڪري ترقياتي منصوبا ملڻ جا امڪان وڌي ويندا، ۽ ملڪ م سڌي يا اڻسڌي طرح روزگار ايندو. منھنجي نظر ۾ اھڙي قدم سان پاڪستان معيشت ۽ ترقيءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويندو، ۽ سڄي پاڪستان جي عوام کي وڏو مستقل رليف ملي سگھي ٿو. ٻيو ته اسٽريٽجڪ اهميت، جيڪا پاڪستان عالمي طور مڃرائي چڪو آهي، اهو ميناپ ريجن ۾ اچڻ کانپوءِ هڪ پُل بڻجي سامهون ايندو. ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ سينٽرل ايشيا جي وچ ۾ ڪجهه نتيجا غير مئوثر طور به ايندا. هڪ ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن سان پاڪستان جا پراڻا علائقائي لاڳاپا ساڳيا نه رهندا، جيئن ڀارت ۽ بنگلاديش سان آھن. انھن سان تعلقات وڌيڪ ڪمزور ٿي سگهن ٿا، جنهن جو سبب روايتي پاڙيسري طور موجود تڪرار نہ، پر ريجن طور شفٽ ٿيڻ آهي. ڀارت سان هونئن به تجارتي لاڳاپا نه هئا، پر پوءِ به وڏي تعداد ۾ کاڌي پيتي جون شيون، يا ڪاسميٽڪس وغيرہ جو سامان سڌي يا اڻسڌي رستن ذريعي ايندو ويندو هو، جيڪو پڻ متاثر ٿي سگھي ٿو. ٻيو ته انهن ملڪن سان مقابلو وڌيڪ سخت ٿيندو، ۽ هاڻي پاڪستان کي به نئين ريجن ۾ رهي شاندار مقابلو ڪرڻو پوندو، ڇو ته امير ۽ ترقي يافته خليجي ملڪن سان پاڻ کي انهن جهڙو ڪرڻ ڪنهن عام رواجي چئلينج جي ڳالھ نه هوندي. اھو ھڪ وڏو چئلينج آھي.

ان سڄي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ ڏٺو وڃي سياسي اثر رسوخ سبب وچ اوڀر ۾ تڪرار گهڻا ٿيندا آهن، انهن جو  پاڪستان تي به لازمي طور اثر پئجي سگهي ٿو. آمريڪي يا وري چين ۽ روس واري لابي وقت سان گڏوگڏ اثرانداز ٿيندي رهندي آهي. انھن معاملن کي به منھن ڏيڻو پوندو، ۽ تعلقات متوازن رکڻا پوندا. سوال ھي آھي تہ ھيءَ سڄي تصوير مستقبل بابت بابت ڇا ٻُڌائي ٿِي؟ظاھري ڳالھ آھي پاڪستان لاءِ ٻه رستا آھن، ھڪ مثبت رستو، ۽ ٻيو منفي رستو آھي. جيڪڏهن معاشي سڌارا ڪيا ويا، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏنو ويو ته پاڪستان يقيني طور هڪ اهم معاشي طاقت بڻجي سگهي ٿو. گلف ملڪن سان گڏ ترقي ڪري سگهي ٿو، ۽ پنهنجي وڏي حيثيت بڻائي وڏو اثرائتو بڻجي سگهي ٿو. منفي رستو ھي آھي تہ جيڪڏهن پاليسيون ڪمزور ئي رهيون، ۽ سياسي استحڪام نه آيو ته پاڪستان وڌيڪ قرضن ۽ ٻين تي انحصار واري ڄار ۾ ڦاسي سگهي ٿو، جنهن سبب دنيا ته کلندي ئي کلندي، پر ان جو عملي طور به تمام وڏو نقصان ٿيندو. اھڙي صورتحال ۾ پاڪستان وڌيڪ سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي بدتري جو شڪار ٿيو ته تمام وڏي تباھي ٿيندي، ۽ ڪروڙين ماڻھو وڌيڪ تڪليف ۾ اچي ويندا.