پاڪستان کي“بورڊ آف پيس” جو حصو نه بڻجڻ گهرجي: ذوالفقار جونيئر

  پاڪستان کي“بورڊ آف پيس” جو حصو نه بڻجڻ گهرجي: ذوالفقار جونيئر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ (ش ڀ ) جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار ڀٽو  جونيئر چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر جي شهادت تي ڪراچي جي شهرين پاران ڪيل احتجاج سندن بنيادي حق هو، اسان جا ٻار دهشتگرد ناهن، آمريڪي ميرين طرفان ڪيل فائرنگ کليل دهشتگردي آهي اهڙي صورتحال سبب ماڻهن ۽ نمائندن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ منهنجي ڪزن (پڦاٽ) جي حڪومت آهي، اها آمريڪي قونصليٽ خلاف ڪيس داخل ڪري  هن چيو ته پريس ڪلب تي پابندين سبب کيس مجبوري وچان 70 ڪلفٽن تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پئي. هن چيو ته آمريڪي قونصليٽ آڏو احتجاج ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڪاررواين ۾ بيگناهه ماڻهن جي موت تي عوام ۾ ڪاوڙ موجود آهي. هن چيو ته هو ڪنهن کي به احتجاج لاءِ جان خطري ۾ وجهڻ جي تلقين نٿو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي “بورڊ آف پيس” جهڙن سامراجي منصوبن جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ها. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ کي مذاق قرار ڏيندي چيو ته ايران اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دور جي شروعات ۾ آمريڪا سان لاڳاپا بهتر هئا، جيڪي بعد ۾ خراب ٿي ويا. هن چيو ته اميد آهي ته حڪومت آمريڪي قونصليٽ واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي، زخمين جو علاج ڪرائيندي