پاڪستان کي انڊر 19 ۽ چيمپئنز ٽرافي جو چيمپئن بڻائيندڙ ڪامياب ڪپتان سرفراز احمد ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو

پاڪستان کي انڊر 19 ۽ چيمپئنز ٽرافي جو چيمپئن بڻائيندڙ ڪامياب ڪپتان سرفراز احمد ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو

اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ+ اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد عالمي ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سرفراز احمد جي قيادت هيٺ پاڪستان آءِ سي سي چيئمپيئن ٽرافي 2017 حاصل ڪئي، پاڪستان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ عالمي نمبر پهرين رينڪنگ تائين پهتي. سرفراز احمد پاڪستان جو واحد ڪپتان رهيو جنهن جونيئر ۽ سينئر ٻنهي سطحن تي آءِ سي سي ٽائيٽل حاصل ڪيا. پاڪستان حڪومت کيس 2018ع ۾ پرائڊ آف پرفارمنس سان نوازيو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي، 2006ع ۾ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۽ 2017ع ۾ چيمپئنز ٽرافي کٽڻ منهنجي ڪيريئر جا يادگار لمحا آهن. ساٿي رانديگرن، ڪوچن، گهر ڀاتين ۽ مداحن جي حمايت تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان. سرفراز احمد چيو ته پاڪستان جي ٽنهي فارميٽن ۾ قيادت ڪرڻ منهنجي لاءِ خواب جي تعبير هئي، مون هميشه بي خوف ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ متحد ٽيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. بابر اعظم، فخرزمان، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ شاداب جهڙن ميچ ونرز کي اُڀرندي ڏسي منهنجي لاءِ فخر جو ڪارڻ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اعتماد ۽ حمايت هميشه ياد رهندي. پاڪستان ڪرڪيٽ هميشه منهنجي دل جي ويجهو رهندي ۽ مان هر ممڪن طريقي سان خدمت ڪندو رهندس. ٻئي طرف سرفراز احمد پي سي بي هيڊڪوارٽر  لاهور ۾ چيئرمين محسن نقوي سان به ملاقات ڪري پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو. پي سي بي چيئرمين پاران اڳوڻي ڪپتان جي خدمتن جي ساراهه ڪئي ۽ کيس ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ تي اعزازي شيلڊ پڻ ڏني، ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سرفراز احمد جي احسانن جو هميشه قرضدار رهندو ڇاڪاڻ ته سرفراز احمد ڪرڪيٽ کي سرفراز ڪيو ۽ ملڪ کي 2 ورلڊ ڪپ کٽرايا.