اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ مستحڪم پاليسي تي عملدرآمد کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف جي ترجمان جولي ڪوزيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ نئون پروگرام معيشت کي مستحڪم ڪرڻ وارين ڪوششن کي سهارو ڏيندو، پر آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان مستحڪم پاليسي تي عمل ڪري
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي مختلف قسم جا چئلينج درپيش آهن، پاڪستان کي لاڳيتو سڌارن جي ضرورت پوندي، آءِ ايم ايف پاڪستان سان هميشه گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي
جولي ڪوزيڪ وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي پروگرام تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي رقم جاري ڪئي وئي آهي، رهيل رقم نومبر ۽ فيبروري ۾ ٻن جائزن بعد فراهم ڪئي ويندي