پاڪستان ڪرڪيٽ جي بادشاهه چارلس سان ملاقات: خاص بيٽ جو تحفو پيش

لنڊن ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان برطانيا جي بادشاهه چارلس کي خاص بيٽ جو تحفو پيش ڪيو ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي برطانيا جي بادشاهه چارلس سان ملاقات ٿي، اها ملاقات شاهي خاندان جي تاريخي رهائشگاهه ڪلارنس هائوس ۾ ٿي.تقريب دوران بادشاهه چارلس پاڪستاني رانديگرن ۽ ٽيم آفيشلز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي پڻ موجود هو.ان موقعي تي برطانوي بادشاهه چارلس کي پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جي صحيحن وارو خاص بيٽ پيش ڪيو ويو. اهو بيٽ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پيش ڪيو.بادشاهه چارلس پي سي بي چيئرمين کان پڇيو ته ڇا هي بيٽ پاڪستاني ڪاٺ مان ٺاهيو ويو آهي؟ جنهن تي محسن نقوي چيو ته هي پاڪستاني ٽيم طرفان تحفو آهي.