پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جون تياريون

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جون تياريون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جون تياريون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد هلندڙ مهيني ڳالهين لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي،آءِ ايم ايف جو وفد ڳالهين لاءِ تقريبن ٻن هفتن تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندو. ذريعن موجب وڌايل فنڊ سهولت ۽ موسمياتي فنانسنگ جي جائزي لاءِ هڪ ئي وقت ڳالهيون ٿينديون. آرٽيڪل فور تحت ڳالهيون پڻ آءِ ايم ايف مشن جي دوري دوران ٿينديون، ڳالهين دوران گذريل مالي سال جي ٻئي ڇهن مهينن واري عرصي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ ٻنهي پروگرامن تحت ايندڙ قسطون جاري ڪيون وينديون. وڌايل فنڊ سهولت پروگرام تحت چوٿين، موسمياتي فنانسنگ پروگرام جي ٽئين جائزي لاءِ به ڳالهيون ٿينديون. ڳالهين جي ڪاميابي تي پاڪستان کي وڌايل فنڊ سهولت پروگرام جي پنجين قسط ملندي. پاڪستان کي موسمياتي فنانسنگ پروگرام تحت ايندڙ قسط جي مد ۾ فنڊز ملندا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻنهي پروگرامن تحت هينئر تائين پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 4 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ملي چڪا آهن. پاڪستان هڪ ئي وقت آءِ ايم ايف سان ٻن قرض پروگرامن ۾ شامل آهي. آءِ ايم ايف سان پاڪستان 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي وڌايل فنڊ سهولت پروگرام ۽ 1 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي موسمياتي فنانسنگ پروگرام ۾ پڻ شامل آهي.