پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ وري ڊيڊ لاڪ: عالمي مالياتي اداري ٽيڪس هدف وڌائڻ ۽ ناڻي تان بار گهٽائڻ جا شرط رکي ڇڏيا

جُون 24, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) آءِ ايم ايف هڪ ڀيرو وري پاڪستان کي اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ کان اڳ نوان شرط ٻڌائي ڇڏيا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيسيتائين بجيٽ ۾ تبديلي نه ڪئي ويندي تيسيتائين اسٽاف ليول معاهدو نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان کي ٽيڪس هدف وڌائڻا ۽ ناڻي تان بار گهٽائڻو پوندو

واشنگٽن ۽ اسلام آباد وچ۾ ٿيل وڊيو اجلاس ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ جاري ڳالهين کان آگاهه هڪ اعليٰ عهديدار چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ايندڙ مالي سال جي نظرٿاني ٿيل بجيٽ جو ڪاٿو شيئر ڪيو آهي پر اڃاتائين وسيع تر معادو ٿيڻ باقي آهي

سندس چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته ايف بي آر جا ٽيڪس هدف وڌايا وڃن ۽ ناڻي جا خرچ گهٽائي ان کي ليول تي آندو وڃي ان لاءِ بجيٽ ۾ وڌيڪ نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي

هن ٻڌايو ته وسيع تر معاهدو نه ٿيڻ سبب ئي ناڻي وزير جي پڄاڻي واري تقرير ۾ دير ٿي رهي آهي جيئن اها پهرين جمعي تي ٿيئڻي هئي هاڻ اها اڄ شام يا وري سومر ڏهاڙي ٿي سگهي ٿي

ذريعن موجب خميس ۽ جمعي تي ٿيل ورچوئل ڳالهين جا آخري 2 رائونڊ ڊگها ٿي ويا جنهن ۾ اسلام آباد آءِ ايم ايف کي نظرثاني ٿيل بجيٽ جو فريم ورڪ پيش ڪيو پر ڪوبه نتيجو نه نڪرڻ سبب ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ورچوئل ڳالهين جا 2 دور ٿيا ته جيئن استاف ليول معاهدي لاءِ آخري ڪوشش ڪري سگهجي

رابطو ڪرڻ تي هڪ عهديدار ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران تمام گهڻي مصروفيت جاري رهي ڪجهه مثبت نتيجن جي اميد آهي پر اڃا تائين في الوقت ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ وقت کان اڳ آهي

Leave A Comment