| پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٽئين جائزي بابت ڳالهيون هلندڙ مهيني ٿينديون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام جي ٽئين جائزي بابت ڳالهين جي شروعات هن مهيني جي آخر تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف کي ايڪسٽرنل فنانسنگ بابت پلان ڏئي چڪا آهيون ۽ ان تي قائم آهيون. اين ايف سي بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اجلاس مڪمل ٿيڻ بعد اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته متحده عرب امارات جا 3 ارب ڊالر پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، چين سان پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ چيني سالياني موڪلن کان پوءِ ڪيو ويندو.