| پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۾ تعليم، صحت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۾ تعليم، صحت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو. تفصيل موجب پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري تي آيل انڊونيشين صدر پرابوو سوبيانتو وزيراعظم هائوس پهتو،شهباز شريف سندس شاندار آجيان ڪئي، آجياڻي واري تقريب ۾ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، هٿياربند فوج جي چست دستي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو، انڊونيشيا جي صدر وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو، بعد ۾ وزير اعظم ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ تاريخي معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليم، صحت، واپار، منشيات جي روڪٿام، ننڍي توڙي وچولي ڪاروبار جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ٻطرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو. جڏهن ته پاڪستاني ڊاڪٽرز، پروفيسرز ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو موجود هئا، ٻئي طرف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو، انڊونيشين صدر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشاوراڻي مهارت کي ساراهيو، علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، فوجي تربيت ۽ دهشتگردي جي روڪٿام ۾ فوجي تعاون کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي