پاڪستان ۽ ايران جو  24 ڪلاڪ بارڊر کولڻ تي اتفاق: پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا اهم آهن: وزيراعظم

پاڪستان ۽ ايران جو  24 ڪلاڪ بارڊر کولڻ تي اتفاق: پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا اهم آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل واپاري ڪميٽي جي ڏهين اجلاس جي گڏيل منٽن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپاري حجم کي 10 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي آزاد واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهين دوران آزاد واپاري معاهدي جي رولز آف اوريجن ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي جي طريقيڪار بابت اهم اڳڀرائي ٿي، جڏهن ته واپار جي واڌ لاءِ عملي قدمن کي تيز ڪرڻ، بزنس ٽو بزنس رابطن کي هٿي ڏيڻ، ڪاروباري وفدن جي ڏي وٺ ۽ سڌن واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.  بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي صنعت، مائننگ ۽ تجارت واري وزير سيد محمد اتابڪ جي قيادت هيٺ 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي امن، واپار ۽ اقتصادي سهڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي بهترين پاڙيسري ۽ برادر ملڪ ايران سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجون مخلصانه ڪوششون جاري رکندو. تازو ئي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان علائقائي امن ۽ پاڪستان ايران لاڳاپن، خاص طور تي واپار جي واڌ بابت مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت پاران مقرر ڪيل 10 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار واري هدف کي مسلسل ڪوششن سان حاصل ڪيو ويندو. خاص طور تي خوراڪ، زرعي شين ۽ مصنوعات جي واپار کي وڌائڻ سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. پاڪستان ۽ ايران سرحدي واپار کي هٿي ڏيڻ، 24 ڪلاڪ بارڊر کولڻ لاءِ سهولتون وڌائڻ، بهتر لاجسٽڪس ۽ ڪسٽمز طريقيڪار ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مائننگ شعبي، خاص طور تي قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي ۽ صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام ڏنو. ايراني وزير سيد محمد اتابڪ پاڪستان جي گرمجوش استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ ايران سان يڪجهتي کي ساراهيو. سيد محمد اتابڪ چيو ته ايران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) بابت ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون جاري آهن. ملاقات ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، جام ڪمال خان، علي پرويز ملڪ، جنيد انور چوڌري، وزير مملڪت خزانه بلال اظھر ڪياني، معاونين خاص سيد طارق فاطمي، هارون اختر ۽ طلحه برڪي سميت لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.