پاڪستان ۽ ترڪيه پاران تيار ڪيل جنگي جهاز پي اين ايس طارق جي لانچنگ

آگسٽ 2, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۽ ترڪيه پاران گڏيل طور ڪيل جنگي جهاز جي لانچنگ، وزيراعظم پاران ترڪيه کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي

پاڪستان ۽ ترڪيه پاران گڏيل طور تيار ڪيل جنگي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ نيوي جي ٻيڙي ۾ شامل، ڪراچي شپ يارڊ ۾ جنگي جهاز جي لانچنگ تقريب ٿي

وزيراعظم ۽ ترڪ نائب صدر گڏيل طور جهاز جي لانچنگ ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ  نائب صدر جودت يلماز، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڪ نيوي جي سربراهه ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب دوران ترڪيه کي هڪ ڀيرو  ٻيهر سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن جهاز جي لانچنگ پاڪ ترڪيه دوستي جو هڪ مثال آهي، جهاز جي تياري ۽ لانچنگ ۾ سهڪار تي ترڪيه جا ٿورائتا آهيون

ترڪ نائب صدر جودت يلماز باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي عالمي امن لاءِ خطرو آهي، اسان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪيون ٿا

Leave A Comment