پاڪستان ۽ ترڪي ۾ علائقائي اڳڀرائين ۽ سهڪار واڌئڻ تي ڳالهيون

پاڪستان ۽ ترڪي ۾ علائقائي اڳڀرائين ۽ سهڪار واڌئڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي اڳڀرائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي پڻ غور ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ئي واحد رستو آهي.