پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شزہ فاطمه سان سري لنڪا جي صدر جي چيف ايڊوائزر ملاقات ڪئي.ملاقات دوران پاڪستان-سري لنڪا ٻطرفي لاڳاپن، ڊجيٽل اڪانومي ۽ اي-گورننس جي فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرٽيفيشل انٽيليجنس جي خودمختياري بابت پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2025 دوران پاڪستان جون سري لنڪا ڏانهن آءِ ٽي برآمدات 4 لک 24 هزار آمريڪي ڊالر رهيون.ٻنهي ملڪن ملاقات ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ بهترين طريقا (Best Practices) هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.