| پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب جي ناڻي وزير محمد بن عبدالله الجدان پاڪستان جي دوري تي پهتو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پاڪستاني ۽ سعودي ناڻي وزيرن وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي ملڪن مضبوط ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائرانه لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ناني وزير عالمي مالي فورمن تي سعودي هم منصب سان ٻيهر ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي. ورلڊ بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ ميٽنگز دوران ايندڙ ملاقات ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. سعودي جي ناڻي واري وزير جو دورو پاڪستان ٻطرفي استحڪام ۽ معاشي سهڪار جي واڌاري لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو ته سعودي ناڻي وزير جو دورو ٻنهي ملڪن جي ڊگهي ڀائيواري جو عڪاسي آهي. سعودي پرڏيهي وزير محمد بن عبدالله الجدان دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو