پاڪستان ۽ مصر ۾ دفاع سميت شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ مصر ۾ دفاع سميت شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ مصر دفاع سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد ملاقات ڪئي ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته مصر کي مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو اهم ڀائيوار سمجهون ٿا، غزا جنگبندي لاءِ مصر جي ڪردار جي واکاڻ ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ سياسي، معاشي، دفاعي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪنداسين، غزا جنگبندي معاهدي ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو، مصر اسرائيل- فلسطين تڪرار جو يو اين ٺهرائن موجب حل چاهي ٿو، غزا جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ پاڪستان جي ڪردار جا خواهشمند آهيون