پاڪستان ۽ ڀارت جو اڄ مها مقابلو، برسات جو به امڪان، ٽيم ۾ ٻه تبديليون، محسن نقوي ۽ جي شاهه به موجود هوندا

پاڪستان ۽ ڀارت جو اڄ مها مقابلو، برسات جو به امڪان، ٽيم ۾ ٻه تبديليون، محسن نقوي ۽ جي شاهه به موجود هوندا

لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ اڄ ٿي رهي آهي جنهن ۾ برسات جو امڪان آهي. ڀارت جي خلاف ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، آءِ سي سي جو سربراهه جي شاهه گڏجي ميچ ڏسندا. مليل اطلاعن موجب ورلڊ ڪپ جي وڏي ميچ جي لاءِ ڪولمبو جو ميدان تيار آهي،  پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾  اهم ميچ کيڏي ويندي. ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ شوقين روايتي مخالفن جو دلچسپ مقابلو ڏسڻ جي لاءِ بيچين آهن. هڪ طرف ميچ جو بيچيني سان انتظار ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف پاڪستاني ٽيم مينجمينٽ انهي اهم ميچ لاءِ صلاح مشورا ڪيا آهن ته ڪنهن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي. ٽيم ۾ ٻن تبديلين جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڀارت جي خلاف فخرزمان ۽ خواجه نافع کي ميدان ۾ لاهي سگهجي ٿو. ڀارت جي خلاف ڪهڙا رانديگر ميدان ۾ لهندا انهي جو  حتمي فيصلو ميچ کان اڳ ٿي ويندو. جڏهن ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جو هاءِ وولٽيج مقابلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ آءِ سي سي سربراهه جي شاهه گڏجي ڏسندا. ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڀارت خلاف ميچ لاءِ سريلنڪا ويندو ۽ امڪان آهي ته هو آءِ سي سي چيئرمين جي شاهه سان گڏجي پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ڏسندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي عهديدار ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيشلز پڻ پاڪ-ڀارت دنگل ڏسڻ لاءِ موجود هوندا.