پاڪستان ۽ ڀارت جَي ڊي جي ملٽري آپريشنز وچ ۾ هاٽ لائين رابطو، جنگبندي جاري رکڻ تي اتفاق
مَي 13, 2025
اسلام آباد/نئين دهلي(م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ملٽري آپريشنز وچ ۾ هاٽ لائين تي ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو، جنگبندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب ڳالهين ۾ طئه ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي فوج مان ڪوبه اڳرائي ۽ فائرنگ نه ڪندو، ٻنهي ملڪن ۾ ڊرونز وسيلي ڪابه مداخلت نه ڪئي ويندي. ايل او سي فوجن جو انگ گهٽايو ويندو، ذريعن موجب سيز فائر جو ايندڙ لائحه عمل طئه ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب پاڪستان پاران ڀارت سان نيوٽرل وينيو تي ڪشمير، پاڻي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي معاملن تي ڳالهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آمريڪا ۽ دوست ملڪن جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل جنگبندي تحت ڳالهيون ڪيون وينديون، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت سان ٽن اهم نقطن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اهو سُنهري موقعو آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جو مسئلو حل ڪن، آمريڪي صدر ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي ڳالهه ڪندي اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اڳوڻيون جنگيون به ڪشمير مسئلي تي ٿيون هيون، هاڻي اهو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، پاڻي مسئلو 1960ع جي معاهدي ۾ حل ٿيل آهي، اُن کي معطل ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ناهي. اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻنهي ملڪن سيز فائر تي ڳالهين جي ايندڙ مرحلي تائين اتفاق ڪيو آهي، پاڪ-ڀارت ڳالهين جو ايندڙ رائونڊ 48 ڪلاڪن ۾ ٿيندو.