پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي بعد اڄ ڳالهيون: ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جو خواهشمند، ٻنهي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندس: آمريڪي صدر
مَي 12, 2025
واشنگٽن/اسلام آباد/نئين دهلي(م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي بعد اڄ ڳالهيون ٿينديون، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جو خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي هت ٻنهي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندس، ٻنهي ملڪن جي قيادت مڪمل طور ڄاڻي ورتو ۽ سمجهيو ته موجوده جارحيت کي روڪڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو گهڻن ماڻهن جي موت ۽ تباهي جو سبب بڻجي سگهي پيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڏسنداسين ته ڇا هزارين سالن کان هلندڙ ڪشمير مسئلي جو ڪوئي حل نڪري سگهي ٿو ؟ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان، ٽرمپ چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي مضبوط، اڻٽٽ ۽ ثابت قدم قيادت تي فخر محسوس ڪيان ٿو، ٻنهي ملڪن جي قيادت مڪمل طور ڄاڻي ورتو ۽ سمجهيو ته موجوده جارحيت کي روڪڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو گهڻن ماڻهن جي موت ۽ تباهي جو سبب بڻجي سگهي پيو، ٽرمپ چيو ته لکين سٺا ۽ بيگناهه ماڻهو مري سگهن پيا، اوهان جي جرئتمنداڻي قدمن سان اوهان جي ميراث تمام گهڻي وڌي وئي، مون کي فخر آهي ته آمريڪا اوهان جي مدد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ اوهان ان تاريخي ۽ جرئتمنداڻي فيصلي تائين پهچي سگهيا، پاڪستان ۽ ڀارت کي عظيم قومون قرار ڏيندي ٽرمپ چيو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن سان گڏ واپار کي هٿي ڏيندو.هوڏانهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڄ ڳالهيون ٿينديون، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هوندي، ڀارت جارحيت ڪندو ته اسان جواب ضرور ڏينداسين، ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر چيو هو ته ٻنهي طرفن کان فوجي ڪارروايون روڪيون پيون وڃن، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا ڊائريڪٽر ملٽري آپريشن 12 مئي تي ڳالهيون ڪندا.