| پاڪستان ۽ ڪويت ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع، واپار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، مواصلات، بحري معاملن ۽ پيٽروليم جا وفاقي وزير، وزيراعظم جا صلاحڪار ۽ حڪومت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات دوران وزيراعظم ڪويتي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بحري معاملن ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستاني عزم جو اظهار ڪيو. ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح وزيراعظم کي ڪويتي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايوٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن، خاص طور ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان، مسلسل مشاورت ۽ ويجهن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ته مستقبل ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ذريعي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ڪويت جي ولي عهد کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.