ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) عالمي اداري اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن اندر پاڪستان ۾ خطرناڪ زلزلو اچي سگهي ٿو، زلزلي جي شدت 6.1 يا ان کان مٿي هوندي
ترڪي ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي (ايس ايس جي ايس) پاڪستان ۾ زلزلي جي اڳ ڪٿي ڪندي چيو ته چمن فالٽ لائن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران زلزلو اچي سگهي ٿو
زلزلو ماپيندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ زمين هيٺ چمن فالٽ لائن ۾ تيز رڦڻي رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هن علائقي م ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪو طاقتور زلزلو اچي سگهي ٿو جنهن جو زور 6 يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو
ايس ايس جي ايس موجب سمنڊ جي سطح ويجھو فضا ۾ برقي چارج جي لاهن چاڙهن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري نقشي ۾ ڄمو رنگ وارن علائقن (پاڪستان جي صوبي بلوچستان سميت) ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن م زوردار زلزلو اچي سگهي ٿو