پاڪستان ۾ به ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الاضحيٰ 29 جون تي ملهائي ويندي

جُون 19, 2023

لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. رويت هلال ڪاميٽي موجب لاهور جي زونل رويت هلال ڪاميٽي تصديق ڪئي آهي ته مختلف جاين تان کين ذوالحق جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن

جنهن سبب اڄ 20 جون تي پهرين ذوالحج هوندي ۽ عيد الاضحيٰ خميس 29 جون 2023ع تي ملهائي ويندي. چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

جنهن دوران مختلف جاين تان چنڊ نظر اچڻ لاءِ زونل ڪاميٽيون به ويٺيو. لاهور ۽ مختلف شهرن مان ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون ملڻ تي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي اڄ 20 جون تي پهرين ذوالحج ۽ 29 جون تي عيد الاضحيٰ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

Leave A Comment